در سلطان جو مقام

در سلطان جو مقام (ماڳ): هيءُ تاريخي مقام نوشهري فيروز کان اوڀر پاسي وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جيڪو مخدوم ميان عبدالرحمان عرف ميان در سلطان جي نالي سان منسوب آهي. هن تاريخي مقام ۾ ڪيترن ئي بزرگن، صوفين ۽ اولياء الله جون قبرون موجود آهن. ميان درس سلطان جي خاندان جا سڀئي بزرگن هن مقام ۾ مدفن آهن، جن ۾ پير ڪمال قابل ذڪر آهي، جيڪو صاحب ديوان صوفي شاعر هو، جنهن جي ديوان کي سنڌي ادبي بورڊ ’ڪليات ڪمال‘ جي نالي سان شايع ڪرايو هو. ان کانسواءِ هن مقام ۾ مشهور قانوندان پير قربان علي، پير تراب علي، پير جمال ۽ پير خالد سيف الله به مدفون آهن، پير ڳوٺ جي جد امجد حضرت عثمان بري جي قبر به انهيءَ مقام ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ قاضي خاندان جا وڏا عالم قاضي حافظ عبدالقدوس ۽ حڪيم قاضي عبدالهادي به هتي دفن ٿيل آهن. ان کان علاوه ٻيا به هزارن جي تعداد ۾ علماء ڪرام، صوفياء ڪرام، شاعر، قانوندان، ماهر تعليم ۽ حڪيم هتي مدفون آهي. (ماڳ): هيءُ تاريخي مقام نوشهري فيروز کان اوڀر پاسي وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جيڪو مخدوم ميان عبدالرحمان عرف ميان در سلطان جي نالي سان منسوب آهي. هن تاريخي مقام ۾ ڪيترن ئي بزرگن، صوفين ۽ اولياء الله جون قبرون موجود آهن. ميان درس سلطان جي خاندان جا سڀئي بزرگن هن مقام ۾ مدفن آهن، جن ۾ پير ڪمال قابل ذڪر آهي، جيڪو صاحب ديوان صوفي شاعر هو، جنهن جي ديوان کي سنڌي ادبي بورڊ ’ڪليات ڪمال‘ جي نالي سان شايع ڪرايو هو. ان کانسواءِ هن مقام ۾ مشهور قانوندان پير قربان علي، پير تراب علي، پير جمال ۽ پير خالد سيف الله به مدفون آهن، پير ڳوٺ جي جد امجد حضرت عثمان بري جي قبر به انهيءَ مقام ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ قاضي خاندان جا وڏا عالم قاضي حافظ عبدالقدوس ۽ حڪيم قاضي عبدالهادي به هتي دفن ٿيل آهن. ان کان علاوه ٻيا به هزارن جي تعداد ۾ علماء ڪرام، صوفياء ڪرام، شاعر، قانوندان، ماهر تعليم ۽ حڪيم هتي مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو